
اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تصديق ڪري ڇڏي آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جا ٻئي پٽ پاڪستان اچي رهيا آهن.
عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان، پارٽي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا ۽ بيرسٽر علي ظفر سلمان ۽ قاسم جي پاڪستان اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. هنن چيو ته ٻنهي پٽن جي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سان ملاقات لاءِ عدالت سان رابطو ڪري رهيا آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻنهي پٽن سان ملاقات جي پٽيشن داخل ڪري رهيا آهيون. وڪيلن چيو ته ٻنهي پٽن جي پاڪستان اچڻ ۽ انهن جي قيام جا تفصيل فوري طور تي نٿا ٻڌائي سگهون.
عليمه خان چيو ته ٻنهي پٽن جي والد سان ملاقات آئيني حق آهي، اسان چاهيون ٿا ته پٽن جي ملاقات ۾ ڪابه قانوني رنڊڪ نه هجي، هاءِ ڪورٽ سان ملاقات جي اجازت جي پٽيشن ڪنهن به وقت داخل ٿي سگهي ٿي.
اڊياله جيل جي ٻاهران بيرسٽر علي ظفر، عليمه خان ۽ ٻين سان صحافين سان ڳالهين دوران سلمان اڪرم راجه وڌيڪ چيو ته اسان صبح 10 وڳي کان اڊياله جيل آيو آهيون اڃان تائين اندر وڃڻ جي اجازت ناهي ملي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چٽا حڪم آهن ته گهر ڀاتي ۽ وڪيل ٻڌڻي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، آئين جي گهرج آهي ته ٽرائل اوپن ٿئي پر ٽرائل اندر ٿي رهيو آهي، وڪيلن کي ٻاهر ويهاريو ويو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، ميڊيا کي به روڪيو پيو وڃي. آئين جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. شاهه محمود قريشي جي خلاف اڃان به 8 کان 9 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ اهو انهن ڪيسز ۾ گرفتار به آهي، اها غلط ڳالهه آهي ته شاهه محمود قريشي پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻ وڃي رهيو آهي پر انهي جو عهدو قائم آهي.
بيرسٽر علي ظفر صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي، ٽرائل ميڊيا، فيملي ۽ وڪيلن جي بغير ٿئي، اندر جرح ٿي رهي آهي گواهه پيش ٿي رهيا آهن، اهو ٽرائل غير قانوني، غير جمهوري عمل آهي. عليمه خان به انهي موقعي تي ڳالهين ۾ چيو ته توشه خانه ٽو ناجائز ڪيس آهي، اسان کي خبر ئي ناهي ته اندر ڇا ٿي رهيو آهي، اسان پنهنجي ڀاءُ سان گڏ آهيون، انهي کي ڪنهن به شيءَ جو ڊپ ناهي، هي صرف ٽڪر هڻي رهيا آهن، جيستائين باني کي آزاد نٿو ڪيو وڃي اسان ساڻس گڏ آهيون، هي ماڻهو اسان کي ڊيڄاري نٿا سگهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language