لاھور:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مون سون جي طوفاني برساتن جو سلسلو جاري رهيو.
صوبائي گادي واري شهر ۾ مال روڊ، گلشن راوي، داتا دربار، اسلام پوره، ڊيوس روڊ، لڪشمي چوڪ ۾ برسات پئي، ٿڌيون هوائون هلڻ سبب گرمي جي لهر ۾ گهٽتائي آئي، ۽ فيڊر بند ٿيڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
رحيم يار خان، خانپور، ڪنڊيان ۽ ڪلور ڪوٽ ۾ تيز برسات پئي، جنهن سبب ٻوڏ آئي، ۽ موسميات کاتي 17 جولاءِ تائين مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language