ممبئي:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)هندستاني ٽينس پليئر راڌيڪا ياديو کي سندس پيءُ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 25 سالن جي راڌيڪا ڪيترن ئي ملڪي ۽ پرڏيهي ٽينس ايونٽس ۾ هندستان جي نمائندگي ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته راڌيڪا ۽ سندس پيءُ کان سواءِ، قتل جي وقت گهر ۾ ٻيو ڪو به موجود نه هو. راڌيڪا کي سندس پيءُ ڪيترائي گوليون هنيون، جنهن کان پوءِ ٽينس پليئر کي نازڪ حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي هوءَ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.
اسپتال اختيارين پوليس کي ڀارتي ٽينس پليئر جي قتل بابت آگاهي ڏني.
رپورٽن موجب، قتل جو سبب گهريلو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. راڌيڪا جو پيءُ سوشل ميڊيا تي سندس موجودگي، خاص طور تي سندس مصروف انسٽاگرام ريلز کان ناخوش هو.
ڀارتي پوليس موجب، قتل کان پوءِ راڌيڪا جي پيءُ کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ هڪ لائسنس يافته هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language