welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين جي مسئلي تي آمريڪي ۽ چيني نمائندن هڪ ٻئي تي سخت الزام لڳايا

نيويارڪ:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)آمريڪا ۽ چيني وفدن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين جي مسئلي تي سخت الزامن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪا چين تي زور ڏنو ته هو يوڪرين ۾ روسي جارحيت کي وڌائڻ بند ڪري، جنهن تي چيني وفد سخت لهجي ۾ جواب ڏنو، ۽ چيو ته آمريڪا الزام هڻڻ ۽ تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي قائم مقام سفير ڊوروٿي شيا چين سميت سڀني ملڪن کان مطالبو ڪيو ته روس کي اهڙيون شيون فراهم ڪرڻ بند ڪن جيڪي روس جي فوجي-صنعتي ڪمپليڪس کي مضبوط ڪري رهيون آهن. چيني ترجمان گينگ شوانگ آمريڪي الزامن کي واضح طور تي رد ڪيو ۽ واضح ڪيو ته چين روس-يوڪرين تڪرار جو حصو ناهي ۽ چين ڪڏهن به ڪنهن به ملڪ کي هٿيار فراهم نه ڪيا آهن. چيني ترجمان چيو ته آمريڪا کي الزام لڳائڻ، دھرنا ڏيڻ ۽ جنگ شروع ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي. چين روس جي واپاري ڀائيوارن کي آمريڪي ڌمڪين جو به سخت جواب ڏنو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل هفتي چيو هو ته بيجنگ غير قانوني هڪ طرفي پابندين ۽ ٻاهرين دائري اختيار کي رد ڪري ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے