غزہ:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)غزه ۾ امداد جي انتظار ۾ فلسطينين تي فائرنگ جي هڪ ٻي وڊيو سامهون آئي آهي.
تفصيل موجب، جيڪا وڊيو سامهون آئي آهي اها آمريڪا-اسرائيلي هلائيندڙ غزه هيومنٽيرين فائونڊيشن (GHF) جي امدادي مرڪزن جي آهي، جتي امداد جي انتظار ۾ بي هٿيار فلسطينين تي فائرنگ ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سيڪيورٽي ٺيڪيدار ۽ اسرائيلي فوجي بکايل فلسطينين تي فائرنگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته امداد لاءِ گڏ ٿيل ڪجهه فلسطيني زمين تي ليٽي پاڻ کي گولين کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس (اي پي) جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته غزه ۾ امدادي مرڪزن تي مقرر آمريڪي سيڪيورٽي ٺيڪيدارن کاڌي لاءِ گڏ ٿيل بکايل فلسطينين تي سڌيون گوليون هلايون، جڏهن ته انهن تي اسٽن گرنيڊ ۽ مرچ اسپري پڻ استعمال ڪيو ويو.
ٻئي طرف، اسرائيلي جهاز غزه تي بمباري ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪالهه 78 وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزه تي اسرائيلي حملن ۾ هاڻي تائين 58,000 فلسطيني مارجي ويا آهن ۽ لڳ ڀڳ 140,000 زخمي ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language