welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قصور: اسپتال ۾ وارڊ بواءِ پاران 15 سالن جي ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي جو الزام

قصور:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ڪوٽ راڌا ڪشن جي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ هڪ 15 سالن جي ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب، ڇوڪري جي پيءُ عبدالجبار پنهنجي درخواست ۾ الزام لڳايو ته سندس ڌيءَ پنهنجي چاچي سان گڏ ڪوٽ راڌا ڪشن جي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال وئي هئي، جتي سندس نوجوان ڪزن جو علاج ڪرايو ويو هو. پيءُ موجب، اسپتال جي وارڊ بواءِ ذيشان پنهنجي ڌيءَ کي لالچ ڏئي مٿئين منزل تي وٺي ويو جتي هن پنهنجي ساٿي سان گڏجي ڇوڪري جا هٿ ۽ پير ٻڌي ان سان اجتماعي زيادتي ڪئي. عبدالجبار موجب، جڏهن ڇوڪري جي چاچي کيس ڳوليندي مٿئين منزل تي پهتي ته جوابدار پڪڙجڻ جي ڊپ کان هيٺ ٽپو ڏنو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ٻئي طرف، اسپتال جي ايم ايس واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے