welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سڀاڻي کان سنڌ ۾ مينهن جو امڪان، ڪراچي ۾ ڪڪر ڪڏهن کان ڪرڻ شروع ٿيندا؟

ڪراچي:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سڀاڻي کان مون سون هوائن جي اثر هيٺ مينهن پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، مون سون هوائون سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن جي تحت اڄ دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه، سڀاڻي کان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ مينهن پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 19 جولاءِ تي ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ به مينهن پئجي سگهي ٿو. موسميات کاتي 19 جولاءِ تي ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے