
ڄامشورو:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ "ماضيءَ جي گونج سيرامڪ آرٽ ذريعي ثقافتي ورثي کي بحال ڪرڻ" جي عنوان سان ٻن ڏينهن جو سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.
اسپين جي گرينيڊا يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر ۽ گجرات يونيورسٽي، پنجاب جي اسسٽنٽ پروفيسر غفار محي الدين ورڪشاپ ڪرايو، ورڪشاپ جو ڪو آرڊينيٽر سيبس يونيورسٽي جو فيڪلٽي ميمبر محمد حسن ڪاشيگر هو.
ورڪشاپ جو مقصد اسلامي فن تعمير کي همعصر سيرامڪ طريقن سان ڳنڍڻ ۽ جديد مجسمي سازي تي زور ڏيڻ هو.
ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي روايتي آرٽ جي طريقن، خاص طور تي ڪاشيگري تي ڌيان ۽ قديم علائقائي ٽائل آرٽ بابت ڄاڻ ڏني وئي.
شاگردن کي روايتي مواد، ورثي جي دستڪاري جي اهميت، انهن جي جديد دور جي مطابق تفصيلي جائزي بابت پڻ ٻڌايو ويو.
سيشن ۾ گرين ويئر ٽيراڪوٽا ٽائلس تي اينگوبي ايپليڪيشن ۽ ٽائلس جي چوٽي تي ڪلاسيڪل ڪاشي ٽيڪنڪ بابت ڄاڻ ڏني وئي.
ورڪشاپ ۾ مهيا ڪيل هينڊ آئوٽ استعمال ڪندي پيٽرن ٺاهڻ، منفرد اسلامي نقشن جي ڊيزائن ۽ اسڪيچنگ، ٽيراڪوٽا ٽائلس ڏانهن ڊيزائن جي منتقلي، مٿاڇري ڪاشيگري ۽ آخر ۾ عملي فائرنگ سيشن بابت پريڪٽيڪل ڪرايو ويو.
پروفيسر غفار محي الدين ڪاشيگريءَ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته آرٽ يادگيرين جي ٻولي آهي ۽ سيرامڪس ذريعي، اسان نه رڳو اسلامي فن کي محفوظ ڪريون ٿا پر ان کي همعصر شڪلن ۾ نئين زندگي ڏيون ٿا.
هي تقريب قديم ثقافتي ورثي جي بحالي وارين ڪوششن ۽ پاڪستان جي قديم سيرامڪ ورثي کي برقرار رکڻ لاءِ ماهراڻي مشق لاءِ هڪ اهم سنگ ميل هو.
ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي پروفيسر غفار محي الدين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پرفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو سان ملاقات ڪئي ۽ سيرامڪس جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ بابت سيبس يونيورسٽيءَ جي ڪوششن کي ساراهيو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ٻاهران آيل مهمانن کي اجرڪ اوڍايون، جڏهن ته پروفيسر غفار محي الدين، وائيس چانسلر کي ڪاشيگريءَ سان ٺهيل هڪ تحفو پيش ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language