
ماسڪو:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)روسين انٽرنيٽ تي انتها پسند مواد ڳولڻ کي جرم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وي پي اين جي استعمال خلاف هڪ قانون پڻ منظور ڪيو ويو آهي.
نيوز ايجنسي رائٽرز جي هڪ رپورٽ موجب، روس ۾ جيڪو به انٽرنيٽ تي انتها پسند مواد ڳوليندو آهي ان کي هڪ نئين قانون تحت جرمانو برداشت ڪرڻو پوندو.
انتها پسند مواد جي ڳولا تي پابندي لڳائڻ وارو قانون پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ۾ منظور ڪيو ويو، ۽ ان قانون تي اپوزيشن ۽ ڪجهه حڪومت نواز شخصيتن پاران تنقيد ڪئي وئي.
اپوزيشن جو چوڻ آهي ته 63.82 ڊالر تائين جرمانو الزامن جو دروازو کولي سگهي ٿو.
ان دوران، انصاف واري وزارت جي انتها پسند مواد جي فهرست ۾ 500 کان وڌيڪ صفحا شامل آهن. روس ۾ انتها پسند سرگرمين کي انجام ڏيڻ کان منع ڪيل تنظيمن ۾ ڪريملن جي نقاد اليڪسي نيولني جو اينٽي ڪرپشن فنڊ، انٽرنيشنل ايل جي بي ٽي موومينٽ ۽ آمريڪي ٽيڪ ديو ميٽا پليٽ فارم شامل آهن.
جمعي تي، آئي ٽي قانون سازن چيو ته واٽس اپ کي روسي مارڪيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان کي محدود سافٽ ويئر جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
نئون قانون انهن ماڻهن تي اثر انداز ٿيندو جيڪي سينسرشپ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ پابندي مڙهيل مواد تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندي ڄاڻي واڻي آن لائن انتها پسند مواد ڳوليندا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language