welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ گهر مان هٿ آيل لاش چور جو نڪتو

ڪراچي:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)نارٿ ڪراچي ۾ هڪ گهر مان هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پر جڏهن پوليس جاچ ڪئي ته مقتول جو ڪرمنل رڪارڊ سامهون آيو. پوليس اختيارين موجب، نارٿ ڪراچي جي سيڪٽر 5-اي ۾ هڪ گهر مان 35 سالن جي حمزه جي لاش ملي، جنهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. جنهن گهر مان حمزه جي لاش ملي آهي اهو سندس دوست فيروز جو گهر آهي. شڪ آهي ته حمزه کي ڪنهن ٻئي هنڌ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو ۽ دوست لاش کي گهر ۾ آڻي لڪائي ڇڏيو هو. فوت ٿيل نوجوان جو دوست ۽ ڪٽنب فرار آهن ۽ انهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. جڏهن پوليس جاچ ڪئي ته مقتول حمزه جو ڪرمنل رڪارڊ سامهون آيو. آفيسرن موجب، حمزه ماضي ۾ هڪ ڦر جي واقعي ۾ ملوث رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ کي به ڦر جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڇا حمزه ڪنهن واقعي دوران زخمي ٿي هتي آيو هو يا کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو؟ پوليس ٻنهي پاسن کان جاچ ڪري رهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے