welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀئي ڌريون هڪ صفحي تي آهن: شاهد رند

ڪوئيٽا:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀئي اسٽيڪ هولڊر هڪ ئي صفحي تي آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد رند چيو ته ڪالهه هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀئي اسٽيڪ هولڊر هڪ ئي صفحي تي آهن، دهشتگردن چار کان پنج هنڌن تي حملو ڪيو هو، دهشتگرد صرف معصوم شهري کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. بلوچستان حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته دهشتگرد انهن هنڌن تي ڪامياب نه ٿيا جتي سيڪيورٽي فورسز مقرر آهن، صوبي ۾ دهشتگردي جي ڪوششن کي به ناڪام بڻايو پيو وڃي، انهن سان ڳالهيون ڪيون وينديون جيڪي رياست ۽ آئين کي تسليم ڪندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے