
دبئي:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)دنيا جي سڀ کان ننڍي قد واري ڳائڻي ۽ تاجڪستان جي سوشل ميڊيا اسٽار عبدالو روزق کي دبئي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هندستاني ريئلٽي شو بگ باس جي 16 هين سيزن ۾ حصو وٺندڙ مشهور تاجڪ اسٽار جي پي آر ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته عبدالو روزق کي ڇنڇر جي صبح يورپي ملڪ مونٽينيگرو کان واپسي تي دبئي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو.
اهو واضح ناهي ته عبدالو روزق خلاف ڪهڙيون شڪايتون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته تاجڪ اسٽار جي ٽيم جي هڪ نمائندي عرب ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي خبر پئي آهي ته عبدالو روزق کي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته دبئي اختيارين طرفان اڃا تائين ڪو به بيان نه ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته تاجڪ ڳائڻو ۽ سوشل ميڊيا اسٽار عبدالروزق 21 سالن جو آهي. سندس قد صرف 100 سينٽي ميٽر آهي، جنهن جي ڪري کيس دنيا جو سڀ کان ننڍو ڳائڻو پڻ سڏيو ويندو آهي.
عبدالروزق هندستاني ريئلٽي شو بگ باس جي 16 هين سيزن ۾ پڻ حصو ورتو، جنهن جي ڪري هو هندستان سان گڏ پاڪستان ۾ به مشهور ٿيو.
عبدالروزق گذريل ڪجهه سالن کان دبئي ۾ رهي رهيو آهي ۽ ان وٽ دبئي گولڊن ويزا آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language