welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، اين ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ملڪ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي، اين ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي موجب، دريائن ۽ ندين ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي. ڪابل، سنڌو، چناب، سوات، چترال، هنزه ۽ ٻين دريائن جي وهڪري ۾ واڌ جو امڪان آهي. اتر اوڀر پنجاب، ڏکڻ بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي چيو ته جهلم درياءَ ۽ ان جي معاون ندين ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. گلگت بلتستان ۾ هنزه درياءَ ۽ ندين ۾ پاڻي جي سطح ۾ اوچتو واڌ ممڪن آهي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته آواران، خضدار، جهل مگسي، قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے