
تھران:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي ٻيو فوجي حملو ٿيو ته ان جو جواب اڳ کان وڌيڪ سخت هوندو. ايران جيڪو آخري حملو ڪيو اهو ابتدائي هو ۽ طاقت جو اصل مظاهرو اڃا تائين اچڻو آهي.
سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هڪ بيان ۾، سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته اسان جي قوم آمريڪا ۽ ان جي پالتو صيهوني حڪومت جي خلاف بيٺي آهي، ۽ هي هڪ وڏو معاملو آهي. جيڪڏهن ڪو نئون حملو ٿيو ته اسان العديد بيس تي ڪيل حملي کان تمام وڏو حملو ڪنداسين.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران گذريل مهيني قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل فائر ڪيا هئا، جيڪو وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس آمريڪي اڏو سمجهيو ويندو آهي. هي حملو تڏهن ٿيو جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي ايٽمي سهولتن تي حملو ڪيو ۽ جنگ شروع ڪئي.
آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ برطانيه ايران تي ايٽمي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ ڳالهين لاءِ آگسٽ جي آخر تائين جي آخري تاريخ مقرر ڪئي آهي. جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته خطرو آهي ته گڏيل قومن ايران تي ٻيهر سخت عالمي پابنديون لاڳو ڪندي.
ايران جي پارليامينٽ پڻ سخت موقف اختيار ڪيو آهي، چيو آهي ته آمريڪا جي پيشگي شرطن کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ڳالهين جي ڪا به گنجائش ناهي.
آيت الله خامنه اي ايراني سفارتڪارن کي به خبردار ڪيو ته اهي مڪمل تياري سان ڪم ڪن ۽ هدايتن تي عمل ڪن، جيتوڻيڪ هن هدايتن جي تفصيل فراهم نه ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language