welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ۾ مزاحمت دوران برطرف پوليس ڪانسٽيبل زخمي

ڪراچي:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر 22 ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ برطرف پوليس ڪانسٽيبل زخمي ٿي پيو. ميڊيا موجب، واقعي کان پوءِ، زخمي شخص حمزه سيال پاڻ کي سي ٽي ڊي آفيسر طور پيش ڪيو ۽ متضاد بيان ڏنا، جنهن تي سي ٽي ڊي آفيسر معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جناح اسپتال پهتا. جتي جاچ دوران اهو ظاهر ٿيو ته حمزه سيال گزري پوليس اسٽيشن ۾ مقرر هو، جنهن کي 2016 ۾ هڪ شهري تي فائرنگ جي الزام ۾ نوڪري مان برطرف ڪيو ويو هو ۽ هو 2024 ۾ ئي جيل مان ٻاهر آيو. زخمي شخص پوليس کي بيان ڏنو آهي ته سندس موٽرسائيڪل 10 محرم تي شاهه لطيف ٽائون مان چوري ٿي هئي، جنهن جي رپورٽ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪئي وئي هئي ۽ هو پنهنجي موٽرسائيڪل بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس اسٽيشن ويو هو. حمزه سيال موجب، واپسي تي، ڌاڙيلن ڦر دوران سندس پرس ۽ موبائل فون ڦري ورتو، جڏهن ته هن جيڪا ٻي نئين موٽرسائيڪل خريد ڪئي هئي، چوري ٿيڻ کان بچي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے