ميرپورٻرڙو:(ڇنڇر 05 جولاءِ 2025ع)ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش ٻرڙو ۾ 15 ورھين جي ناري پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.
ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش ٻرڙو ۾ 15 ورھين جي ناري فلڪ ڌي برڪت ٻرڙو گھرو اڻبڻت تان گھر ۾ رکيل بندوق جو پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.
معاملي کي ڪيترئي ئي ڪلاڪن تائين لڪايو ويو، ذريعن موجب ناري گھر ۾ اڪيلي ھئي گھر وارا ڪنھن ڪم سانگي شھر کان ٻاھر ويل ھئا ناري پنھجي ماٽيلي ماءُ کان ناراض ھئي جنھن سبب ناري اھڙو قدم کنيو آھي.
ھوڏانھن ناري جي وارثن ٻڌايو ته ناري کي اتفاقي گولي لڳڻ سبب ناري جو موت ٿيو آھي.
رابطو ڪرڻ پوليس ٻڌايو ته واقعو خودڪشي جو لڳي پيو ناري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو آھي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language