welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنگريو: ٽائون ڪميٽي جي آفيسر پاران حراسان ڪرڻ بعد ٽائون جو سئپر ملازم خودڪشي جي ڪوشش

پنڱريو:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)ٽائون ڪميٽي جي آفيسر پاران حراسان ڪرڻ بعد ٽائون ۾ سئپر طور ڪم ڪندڙ ملازم واھ ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو. پنگريو ٽائون ۾ سئپري ڪندڙ ملازمن پاران ٽائون آفيسر ۽ چئيرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شاهه لطيف پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. انهي موقعي تي هنن ٻڌايو ته گذريل ڪيتري عرصي کان ٽائون ۾ سئپرن جي کوٽ هوندي بيروزگار ويٺل نوجوانن کي ڀرتي نٿو ڪيو وڃي. 25 سالن کان ٽائون ۾ ڀنگي جو ڪم ڪندڙ فقيرو گجراتي کي ٽائون آفيسر پاران پگهارون بند ڪري ملازمت تان ھٽائن جي ڌمڪين بعد ملازم فقيرو گجراتي تنگ ٿي واھ ۾ ٽپو ڏنو جنهن کي وقت سر بچايو ويو. هنن چيو ته اسان جو پيٽ گذر ان ملازمت تي آهي اسان جي ٻچن جو رزق کسيو ويو ته اسان وٽ سواء آپگهات جي ٻئي ڪا واٽ نه رهندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے