ڪولالمپور:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي جا امڪان اڳ کان وڌيڪ روشن ٿي ويا آهن.
هن چيو ته ڌرين جي وچ ۾ ڪيترين ئي شرطن تي اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي صرف عملدرآمد جي طريقي تي بحث ٿيڻ باقي آهي.
نيوز ايجنسي جي مطابق، روبيو، ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي اجلاس جي موقعي تي ملائيشيا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جنگ بندي جي ويجهو آهيون، ڳالهيون مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، جيتوڻيڪ ماضي ۾ هن مرحلي تي ڳالهيون ناڪام ٿي چڪيون آهن.
مارڪو روبيو حماس تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن حماس هٿيارن جي خاتمي جي شرط قبول ڪري ته هي تڪرار فوري طور تي ختم ٿي سگهي ٿو.
ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ فلسطيني تنظيم حماس امن ڳالهين تحت 10 قيدين کي آزاد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر تنظيم واضح ڪيو هو ته اڃا تائين ڪيترن ئي اهم نقطن تي اختلاف آهن.
حماس چيو هو ته هو ثالثن سان سنجيده ۽ مثبت جذبي سان ڳالهيون جاري رکي رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪري سگهجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language