welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيبرپختونخواهه مان 8 نون چونڊيل سينيٽ ميمبرن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)خيبر پختونخواهه مان 8 نون چونڊيل ميمبرن سينيٽ ميمبرن جي حيثيت سان حلف کنيو. سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽرن طلحه محمود، روبينا خالد، نياز احمد، فيصل جاويد، نورالحق قادري، مرزا محمد آفريدي، دلاور خان ۽ عطاءُ الله درويش سينيٽ ميمبرن جي حيثيت سان حلف کنيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ميمبرن کي حلف کڻايو ۽ چيو ته هو نون چونڊيل سينيٽرن طلحه محمود، روبينا خالد، نياز احمد، فيصل جاويد، نورالحق قادري، مرزا محمد آفريدي، دلاور خان ۽ عطاءُ الله درويش کي مبارڪباد پيش ڪن ٿا. نون چونڊيل ميمبرن طلحه محمود، روبينا خالد، نياز احمد، فيصل جاويد، نورالحق قادري ۽ مرزا محمد آفريدي کي پڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران مبارڪباد ڏني وئي. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه مان 11 نون چونڊيل سينيٽرن ۾ آزاد ميمبر مراد سعيد، فيصل جاويد، مرزا آفريدي، نورالحق قادري، مسلم ليگ ن جو نياز احمد، جي يو آءِ ف جو عطاءُ الحق ۽ پي پي پي جو طلحه محمود شامل آهن. آزاد ميمبر روبينا ناز ۽ پي پي پي جي روبينا خالد عورتن جي سيٽ تي چونڊجي ويون آهن، جڏهن ته آزاد ميمبر اعظم سواتي ۽ جي يو آءِ جو دلاور خان ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي چونڊجي آيا آهن. حافظ عبدالڪريم پنجاب مان مسلم ليگ ن جي طرفان کٽيو آهي، اها سيٽ ساجد مير جي وفات کان پوءِ خالي ٿي هئي. اڄ 8 نون چونڊيل ميمبرن سينيٽ ۾ ميمبرشپ جو حلف کنيو، مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ روبينا ناز اڃا تائين حلف نه کنيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے