راولپنڊي:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين ۾ اٺ هندستاني حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ 19 ۽ 21 جولاءِ تي فتنہ الھندوستان دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جي مطابق، سيڪيورٽي فورسز فتنہ الھندوستان دهشتگردن جي لڪيل جاءِ کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو، ۽ فائرنگ جي هڪ سخت تبادلي ۾ اٺ هندستاني حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر چيو ته مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستاني سرپرستي يافته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، ۽ هندستاني سرپرستي يافته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language