
اسلام آباد:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)گذريل 24 ڪلاڪن ۾ تازي مون سون جي برساتن سبب وڌيڪ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن سان ڪُل فوتين جو انگ 279 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ برساتن سبب 8 ماڻهو فوت ۽ 21 زخمي ٿيا آهن. پنجاب ۾ 6، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ.
اين ڊي ايم اي موجب، برساتن سبب زخمي ٿيندڙ 21 ماڻهن جو تعلق پنجاب سان آهي.
اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برساتن سبب فوتين جو انگ هاڻي تائين 279 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 676 زخمي ٿيا آهن.
اين ڊي ايم اي موجب، پنجاب ۾ برساتن سبب 151 ماڻهو فوت ۽ 536 زخمي ٿيا آهن، خيبر پختونخوا ۾ برساتن سبب 64 ماڻهو فوت ۽ 80 زخمي ٿيا آهن، سنڌ ۾ 25 ماڻهو فوت ۽ 40 زخمي ٿيا آهن، ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب 20 ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿيا آهن.
ان کان علاوه گلگت بلتستان ۾ برساتن سبب 9 ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ 2 ماڻهو فوت ۽ 10 زخمي ٿيا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 3 زخمي ٿيا.
اين ڊي ايم اي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 362 گهر تباهه ٿيا ۽ 7 چوپايو مال فوت ٿيو.
هينئر تائين برساتن سبب 1553 گهر تباهه ٿيا آهن، جڏهن ته 374 چوپايو مال فوت ٿي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language