welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪرم ضلعي ۾ گاڏي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 7 ڄڻا فوت

ڪرم:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)ضلعي ڪرم ۾ گاڏي کڏ ۾ ڪرڻ سبب ست ماڻهو فوت ٿي ويا. ميڊيا موجب، حادثو ضلعي ڪرم جي گندل علائقي ۾ پيش آيو جتي هڪ گاڏي کڏ ۾ ڪري پئي. ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ سڀني ماڻهن کي گاڏي مان ٻاهر ڪڍيو، جن مان ست موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٻه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن، جڏهن ته زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے