welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: جي 7 پرڏيهي وزير

اوٽاوا:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع) جي7 جي پرڏيهي وزيرن چيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ڪينيڊا ۾ G7 جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي وچ اوڀر تي گڏيل بيان ۾، ايران کي غير ضروري يورينيم جي افزودگي جون سرگرميون ٻيهر شروع نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي، چيو ويو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. G7 جي پرڏيهي وزيرن ايران جي ايٽمي پروگرام تي هڪ جامع، تصديق ٿيل ۽ پائيدار معاهدي لاءِ ڳالهين جي بحالي جو به مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ ايران ۾ IAEA جي سربراهه جي گرفتاري ۽ ان کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبن جي مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته اسرائيل-ايران جنگ بندي جي حمايت جو به ورجاءُ ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے