
ڪوئيٽا:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)بلوچستان ۾ جوڙي جي بيرحماڻي قتل واري واقعي ۾ 15 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪندي سردار شيرباز ساتڪزئي سميت 13 ڄڻن گرفتار ڪيو ويو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب، بلوچستان جي علائقي سنجدي ڊگاري ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جو ڪيس هنا اوڙڪ ٿاڻي ۾ 15 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، هنيئر تائين 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. هن تصديق ڪئي ته سردار شيرباز ساٽڪزئي سميت 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي ايس ايس پي انويسٽيگيشن وِنگ سيد صبور آغا چيو ته 13 شڪي جوابدارن حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن مان ٻن جي باضابطا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي، جڏهن ته ٻين خلاف جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس سنجدي ڊگاري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيـف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي 22 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، هواڏنهن جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئيٽا سنجدي ڊگاري ۾ قتل ٿيل عورت جي قبرڪشائي جو حڪم پڻ جاري ڪيو آهي، عدالتي حڪم تي جڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ عورت جي قبرڪشائي ڪئي وئي، سيمپل ورتا ويا. هوڏانهن ڊي ايس پي کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي. قبائلي سردار ۽ انهن جي ماڻهن جي هٿان قتل ٿيل جوڙي جي قبرڪشائي کانپوءِ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جاري ڪيل رپورٽ موجب عورت کي 7 گوليون هنيون ويون، جڏهن ته مرد 9 گوليون هنيون ويون.
سوشل ميڊيا جي وائرل ٿيل وڊيو سردارن کي ٻڌرائي ڇڏيو
ڪوئيٽا: وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شديد عوامي ردعمل سامهون آيو ۽ سوشل ميڊيا تورڙي ميڊيا تي هي واقعو بحث جو موضوع بڻجي ويو ۽ اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ قبائلي سردار قانون جي گرفت ۾ اچي ويو، هوڏانهن پوليس جو به اهو چوڻ آهي ته واقعو عيد کان 3 ڏينهن اڳ جو هو جڏهن ته ان جي وڊيو هاڻي وائرل ٿي آهي.
مقتول زال مڙس نه هئا، جرڳائين کي نه ڇڏينداسين: وڏو وزير بگٽي
ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بانو بي بي ۽ احسان الله ٻئي زال مڙس نه هئا، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، عوام کي حقيقتن بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي، عورت جا 5 ٻار ۽ مرد جا 4 ٻار هئا، پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي چيو پئي ويو ته مقتول تازو پرڻيل جوڙو هو پر ائين نه هو، مقتولن جي وچ ۾ ڪو به ازدواجي لاڳاپو نه هو، سرفراز بگٽي چيو ته پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته رياست هميشه مظلومن سان گڏ رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اهڙا ڪيترائي جرڳا ٿين ٿا، انهن کي روڪيو به ويو آهي، ، اسان جرڳن کي پروموٽ نه ڪنداسين، اسان کي آئين موجب هلڻو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language