
سکر/پنوعاقل/ٺڪراٺو:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)پنوعاقل ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ڏوھارين ھٿان زخمي ٿيل ٽيون نوجوان به فوت ٿي ويو، ڏوھارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عبدالحفيظ مھر به سکر کان ڪراچي نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته ڦر واردات کانپوءِ ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪندڙ ڏوھاري ڪمند ۾ لڪي ويا جنھن بعد سکر پوليس ۽ ايس ايس پي سکر اظھر خان جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن سڄي رات ڪمند کي ڪڙو چاڙھڻ بعد صبح سوير ڊرون ڪئميرائن جي مدد سان نشاندهي ٿيڻ بعد اي پي سي ذريعي ڪمند ۾ داخل ٿي ڏوھارين سان مقابلي ڪري چئن ڏوھارين ماري ڇڏيو ، مارجي ويل چئن ڏوھارين جي لاشن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ھڪ ڏوھاري جي فرار ٿيڻ جا اطلاع آھن ، مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ ٻيڙو مھر ، يقين مھر ، عابد ڀٽي ، عاشق شيخ طور ڪئي وئي جڏھن ته ته فرار ٿيل ڏوھاري جو نالو الھورايو مھر ٻڌايو پيو وڃي.پنوعاقل ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ڏوھارين ھٿان زخمي ٿيل ٽيون نوجوان به فوت ٿي ويو آھي ، ڏوھارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عبدالحفيظ مھر به سکر کان ڪراچي نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته ڦر واردات کانپوءِ ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪندڙ ڏوھاري ڪمند ۾ لڪي ويا جنھن بعد سکر پوليس ۽ ايس ايس پي سکر اظھر خان جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن سڄي رات ڪمند کي ڪڙو چاڙھڻ بعد صبح سوير ڊرون ڪئميرائن جي مدد سان نشاندهي ٿيڻ بعد اي پي سي ذريعي ڪمند ۾ داخل ٿي ڏوھارين سان مقابلي ڪري چئن ڏوھارين ماري ڇڏيو ، مارجي ويل چئن ڏوھارين جي لاشن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ھڪ ڏوھاري جي فرار ٿيڻ جا اطلاع آھن ، مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ ٻيڙو مھر ، يقين مھر ، عابد ڀٽي ، عاشق شيخ طور ڪئي وئي جڏھن ته ته فرار ٿيل ڏوھاري جو نالو الھورايو مھر ٻڌايو پيو وڃي ، ايس ايس پي سکر اظھر خان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊرون ڪئميرائن جي مدد سان ڪمند اندر ڏوھارين جي نشاندهي بعد مقابلو ڪيو ويو جنھن ۾ چار ڏوھاري مارجي ويا پنجين ڏوھاري جو تلاش جاري آھي
2 ڀائرن ۽ سوٽ جا مڙهه کڄڻ تي سوڳوار ماحول، هر اک آلي
پنوعاقل: ھڪ ئي گھر مان ٻن ڀائرن ۽ ٽئين سئوٽ جو لاش نڪرڻ تي ھر اک آلي ، ڏوھارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عبدالحفيظ مھر ۽ نثار مھر سڳا ڀائر ھئا جڏھن ته احمد علي مھر سئوٽ ھو ٽنھي نوجوانن جا لاش ھڪ گھر مان نڪرڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي . مقتولن جي لاشن کي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جتي ڳوٺ کڻائي ويا ڳوٺ ٽن نوجوانن جا لاش نڪرڻ تي ھر اک آلي سوين ماڻھن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي
4 ڏوهارين جي مارجڻ تي علائقي واسين جا نعرا، ايس ايس پي کي ڪُلهي تي کنيو ويو
پنوعاقل: ڏوھارين جي مقابلي ۾ مارجي وڃڻ بعد علائقي واسين جا نعرا ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل کي ڳوٺاڻن ڪلھي تي چاڙھي خوشي جو اظھار ڪيو ، علائقي واسين موجب ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل سڄي رات پوليس کي الرٽ ڪري ڊرون ڪئميرائن جي مدد سان پاڻ ڏوھارين جي نشاندهي لاءِ سڀ اڳ ۾ بيٺل رھيو ء ساري رات 10 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل ڪمند جي چارو طرف کان گھمندي نظر آيو .
ٽئي مقتول نوجوان سينيئر صحافي جا ڀائٽيا هئا
پنوعاقل: مارجي ويل ٽئي مقتول سينئر صحافي جا ڀائيٽيا ھئا ، ٺڪراٺي جي سينيئر صحافي مجيد مھر جي فرياد تي مارجي ويل چئن ڏوھارين ۽ فرار ٿيل پنجين ڏوھاري الھورايو مھر سميت ٻن اڻڄاتل جوابدارن تي ڦر واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي جڏھن ته سرڪار پاران پوليس مقابلي جي پڻ الڳ سان ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي .
0 تبصرے
Do not use vulgar language