
ڊيره اسماعيل خان:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانک ۾ فائرنگ جي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا.
پوليس اختيارين موجب، ڊيرا اسماعيل خان جي پهاڙپور تحصيل جي رحماني خيل علائقي ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ دشمني هڪ ڀيرو ٻيهر خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي وئي، جتي ٻن مخالف گروپن ۾ صبح جو 3 وڳي سخت فائرنگ جو تبادلہ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ گروپ جا ٽي ماڻهو مارجي ويا.
واقعو پنيالا پوليس اسٽيشن جي حد ۾ پيش آيو، جتي دشمني سبب ٻئي گروپ آمهون سامهون ٿيا ۽ فائرنگ شروع ٿي وئي. مارجي ويلن ۾ نعمت الله، محمد سليم ۽ زاهد شامل آهن، جن جي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي ۽ قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.
ٻئي طرف، خيبر پختونخواه جي ضلعي ٽانک جي ڳوٺ ملازئي ۾ هٿياربند ماڻهو هڪ گهر ۾ داخل ٿيا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا.
مقتولن جي سڃاڻپ سردار احمد ۽ اعزاز احمد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪي ملازئي جا رهواسي گل احمد جا پٽ آهن، ۽ سندن دوست عمران، جيڪو لڪي مچن خيل جو رهواسي گل بادشاه جو پٽ آهي.
پوليس اختيارين موجب، قتل جو سبب مقتول ۽ مقامي ٽولي جي وچ ۾ دشمني هئي.
عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ضلعي اسپتال ٽانک منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language