
ڊي آءِ خان:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)خيبر پختونخواه جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا. اهو واقعو مائٽن جي پراڻي تڪرار سبب پيش آيو.
تفصيل موجب خيبر پختونخواه جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مائٽن جي پراڻي تڪرار سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ واندا بارون ۾ ٻنهي ڌرين طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ هڪ گروپ جا نقيب الله، شفيع الله، نجيب الله، جلال شامل آهن جڏهن ته ٻئي گروپ جا نويد ۽ جهانزيب شامل آهن.
مقامي انتظاميا ۽ پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اضافي قدم کنيا پيا وڃن.
ٻئي طرف، نوابشاهه ۾ ڪيريا موري ويجهو يار محمد ڀنگوار ۾ ڀنگوار برادري جي پنج ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
ايس ايس پي شبير سيٺار چيو ته فوت ٿيندڙن ۾ شهباز ڀنگوار، رجب ڀنگوار، قربان ڀنگوار، تاج محمد ڀنگوار ۽ فرمان ڀنگوار شامل آهن.
واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي ۽ فوت ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language