
ڪراچي:(خميس 31 جولاءِ 2025ع)دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 50 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، جن ۾ اڳوڻو صدر عارف علوي ۽ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور شامل آهن.
26 نومبر جي احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي ڪمپني پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ، عدالت اڄ 41 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، جڏهن ته 9 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح، ڪل 50 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جا وارنٽ ڪراچي ڪمپني پوليس اسٽيشن ۾ درج ڪيس نمبر 1193 ۾ جاري ڪيا ويا هئا. انهن جوابدارن ۾ عارف علوي، عبدالقيوم نيازي، شبلي فراز، فيصل جاويد، سلمان اڪرم راجا، رئوف حسن، مراد سعيد، احمد نيازي شامل آهن.
ان کان علاوه، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، حماد اظهر، عاطف خان، شعيب شاهين، اعظم خان سواتي، عمر ايوب، صاحبزا حامد رضا، عليمه خانم، شيخ وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، شاندانه گلزار، شيرافضل مروت جا گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي وارنٽ جاري ڪيا. عدالت جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ياد رهي ته راولپنڊي ڊويزن ۾ 24 ۽ 26 نومبر جا 32 ڪيس داخل آهن، جن ۾ بشريٰ بي بي کي ٽيڪسلا پوليس اسٽيشن ۾ 26 نومبر جي ڪانسٽيبل قتل ڪيس ۾ به نامزد ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language