welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ 5 ٻار ڄڻيندڙعورت جا 2 ٻار فوت ٿي ويا

ڪراچي:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي بلديا ٽائون علائقي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ هڪ عورت کي پيدا ٿيندڙ پنجن ٻارن مان ٻه فوت ٿي ويا آهن. ٻارن جي مامن موجب، ٻه ٻار علاج دوران فوت ٿي ويا، ۽ فوت ٿيل ٻارن کي جلد دفن ڪيو ويندو. ياد رهي ته بلديا ٽائون جي رهواسي عدنان شيخ جي گهر ۾ گذريل ڏينهن هڪ خانگي اسپتال ۾ 5 ٻار پيدا ٿيا. ٻارن جي پيدائش سرجري ذريعي ٿي، 3 ڇوڪرا ۽ 2 ڇوڪريون. اسپتال انتظاميا چيو هو ته ٻارن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي جنهن جي ڪري انهن کي آڪسيجن ڏني وئي هئي. اسپتال انتظاميا اهو به چيو ته ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿيا هئا جنهن جي ڪري انهن جو وزن تمام گهٽ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے