welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)ملڪ ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ لڪي مروت، اتر وزيرستان ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ نئون ڪيس جي تصديق ڪئي آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب، لڪي مروت ۾ هڪ 15 مهينن جي ڇوڪري ۽ اتر وزيرستان ۾ هڪ 6 مهينن جي ڇوڪري پوليو ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي عمرڪوٽ ضلعي ۾ هڪ 5 سالن جو ٻار به پوليو ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن نون ڪيسن جي رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ هن سال ملڪ ۾ رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 17 ٿي ويو آهي. هاڻي تائين خيبر پختونخواهه مان 10، سنڌ مان 5 ۽ پنجاب ۽ گلگت بلتستان مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي جنهن کي صرف ويڪسين سان روڪي سگهجي ٿو: نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جو چوڻ آهي ته پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي جنهن کي صرف ويڪسين سان روڪي سگهجي ٿو. هر پوليو مهم ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ گهرجي. پوليو ويڪسين جي مخالفت ٻارن کي سڄي عمر معذور بڻائي سگهي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي مطابق، پوليو جي خلاف جنگ ۾ والدين جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هر غير ويڪسين ٿيل ٻار ٻين لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے