welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور: فورٿ سول جج جي عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي فراڊ ڪيس ۾ 3سال سزا 45000 ڏنڊ ڏيئي ڇڏي

شڪارپور:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ڊبل پئسا اسڪينڊل جو اهم فيصلو، شڪارپور جي فورٿ سول جج جي عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارکي فراڊ ڪيس ۾ 45000 ڏنڊ ۽ 3 سال سزا ٻڌائي ڇڏي. لکيدر ٿاڻي تي گناھ 79/2023 قلم .420,406,506/2 موجب ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. جنھن جو اڄ فورٿ سول جج ضبي الله صاحب عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سمير ڀٽو کي فراڊ ڪيس ۾ 45000 ڏنڊ ۽ 3 سال سزاٻڌائي وئي. جڏهن ته مرڪزي جوابدار شعيب ڀٽو عرف ڊان گولو ۽ سندس ٻئي ڀاءُ کي جلد عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته شعيب ڀٽو ۽ سندس ڀائر ٻه سال اڳ شڪارپور جي بيشمار شهرين کان منافعي جي نالي تي ڪروڙين روپيا هٿ ڪري فرار ٿي ويا هئا، جن خلاف لکيدر سميت مختلف ٿاڻن تي فراڊ جا ڪيس داخل ٿيا هئا. ٻئي طرف عدالتي فيصلي ۾ شعيب ڀٽو جي سالي نومي ڀٽو ۽ سهرو وهاب ڀٽو کي ڪيس مان آجو ڪيو ويو، پر سمير ڀٽو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد سزا ٻڌائي وئي. جنهن بعد شهر جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي. اهڙا اسڪينڊل ڪندڙ عناصر قانون کان نه بچڻ گهرجن، عدالت جو فيصلو لائق تحسين آهي، باقي ڀاڳي ڀائرن کي به جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے