نيويارڪ/ نيوجرسي:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ تيز برساتن سبب روڊن ۽ ريلوي ٽريڪ تي پاڻي ڀرجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سومر جي رات نيويارڪ ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ اچي وئي.
شهر ۾ تيز برساتن سبب گاڏيون ۽ رستا تلاءَ وانگر نظر اچڻ لڳا، جڏهن ته ريلوي اسٽيشنون به پاڻي هيٺ اچي ويون، جنهن جي ڪري عوام کي سفر ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.
نيويارڪ ۾ تيز برساتن سبب روڊن ۽ ريلوي ٽريڪ تي پاڻي ڀرجي ويو، نيو جرسي ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا
فوٽو رائٽرز
ان حوالي سان، نيويارڪ جي ميئر ايرڪ ايڊمز چيو ته مين هٽن جي سينٽرل پارڪ ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 5 سينٽي ميٽر کان وڌيڪ مينهن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو تاريخ ۾ 60 منٽن ۾ ٻيو نمبر وڏو مينهن آهي.
ٻئي طرف، نيو جرسي رياست ۾ هڪ گاڏي ٻوڏ ۾ وهي وڃڻ سبب ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ انتظاميا رياست ۾ هنگامي حالت جو اعلان ڪيو.
نيو جرسي جي گورنر تيز برساتن جو سبب موسمياتي تبديلي قرار ڏنو، چيو ته ڪجهه هنڌن تي اڍائي ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 6 انچ (15.25 سينٽي ميٽر) مينهن رڪارڊ ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language