اسلام آباد:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)پيٽروليم جون شيون ڏيڍ مهيني ۾ 29.71 رپيا في ليٽر مهانگيون ٿي ويون آهن.
پهرين جون کان وٺي، پيٽروليم شين جون قيمتون 4 ڀيرا وڌيون ويون آهن.
صرف ڏيڍ مهيني ۾، پيٽرول جي قيمت ۾ 19.52 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 29.71 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي.
31 مئي 2025 تي پيٽرول جي قيمت 252.63 رپيا في ليٽر هئي، ۽ ان وقت پيٽرول جي قيمت 272.15 رپيا في ليٽر هئي.
ٻئي طرف، 31 مئي 2025 تي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 254.64 رپيا في ليٽر هئي، ۽ ان وقت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 284.35 رپيا في ليٽر آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language