welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب: 25 جولاءِ تائين مينهن جو چوٿون سلسلو جاري رهڻ جو امڪان، 4 شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو

لاھور:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)پنجاب ۾ مون سون جي برساتن جو چوٿون سلسلو 25 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران شهري ٻوڏ ۽ دريائن ۽ واهن ۾ پاڻي ڀرجڻ جو خدشو آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب پنهنجي مون سون جي برساتن بابت رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن سال مون سون جي برساتن سبب 143 شهري فوت ۽ 488 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته 121 مال متاع فوت ۽ 200 گهر متاثر ٿيا. پي ڊي ايم اي موجب، سوڳوار خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فصلن ۽ چوپائي مال کي ٿيندڙ نقصان جو به ازالو ڪيو ويندو. پي ڊي ايم اي ترجمان چيو ته مون سون جي برساتن جو چوٿون سلسلو 25 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران لاهور ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي. ترجمان موجب، لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته پنجاب جي دريائن ۽ ندين ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته منگلا ڊيم ۾ 53 سيڪڙو ۽ تربيلا ۾ 79 سيڪڙو پاڻي آهي، سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه تي وچولي ٻوڏ آهي، تربيلا ۽ تونسه تي گهٽ ٻوڏ آهي، جڏهن ته چناب، راوي، جهلم ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول تي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے