welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران برسات جو امڪان

ڪراچي:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀريل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مينهن ۽ بوندا باندی پڻ ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي چيو ته اڄ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ نمي جو تناسب 68 سيڪڙو آهي. ان کان علاوه، ڊي جي موسميات کاتي اهو به چيو ته موجوده مون سون سسٽم ڪراچي کي متاثر نه ڪندو، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻيو مون سون سسٽم ڪراچي ۽ حيدرآباد کي گهيرو ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ خليج بنگال ۾ هوا جي گهٽ دٻاءُ جو امڪان آهي، جيڪو ڪراچي کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے