welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شھدادپور: ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار مٿان چڙھي وئي نتيجي نوجوان چيڀاٽجي فوت

شھدادپور:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)بجري سان ڀريل ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار مٿان چڙھي وئي نتيجي ۾ ڀرياروڊ واسي نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ھنڱورا چوڪ شاھپورچاڪر نوابشاھ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ڀريا روڊ جو رھواسي 20 ورهين جي وقار سولنگي مٿان بجري سان ڀريل ٽرڪ چڙھي وئي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شھدادپور جي سمس اسپتال پھچايو ويو. جتي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے