اسلام آباد:(جمعو 11 جولاءِ 2025ع)اڄ کان 17 جولاءِ تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي پنجاب مون سون جي برساتن جي ٽئين اسپيل لاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي ۽ 11 کان 17 جولاءِ تائين پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ هوائون ۽ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، اسلام آباد، راولپنڊي، مري، اٽڪ، چکوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا، حافظ آباد ۽ وزير آباد ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته لاهور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ساهيوال ۽ جهنگ ۾ به برسات جو امڪان آهي.
ان کان علاوه ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ننڪانه، چنيوٽ، فيصل آباد، اوڪاڙه، قصور، خوشاب، سرگوڌا، ڀڪر ۽ ميانوالي ۾ به تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ترجمان چيو ته 13 کان 17 جولاءِ تائين بهاولپور، بهاولنگر، ڊي جي خان، ملتان، مظفر ڳڙهه، خانيوال، لوڌران، راجن پور، رحيم يار خان ۽ ليه ۾ به گجگوڙ سان گڏ مينهن جو امڪان آهي.
ٻئي طرف، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ گجگوڙ سان گڏ مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته مری ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
13 کان 17 جولاءِ تائين خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ به گجگوڙ ۽ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language