welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ صبح کان وٺي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 104 فلسطيني قتل ڪري ڇڏيا

غزہ:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)صبح کان وٺي غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 104 فلسطيني مارجي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب، مارجي ويلن مان 78 فلسطيني هئا جيڪي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. ٻئي طرف، ورلڊ فوڊ پروگرام چيو ته اتر غزه ۾ ان جي امدادي قافلي تي به فائرنگ ڪئي وئي. قافلي ۾ 25 ٽرڪ شامل هئا جيڪي زڪيم ڪراسنگ ذريعي غزه ۾ داخل ٿيا ۽ انهن علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا جتي خوراڪ جي سخت کوٽ آهي. ورلڊ فوڊ پروگرام پنهنجي بيان ۾ چيو ته جڏهن امدادي قافلو اتر غزه ۾ داخل ٿيو ته سوين فلسطيني کاڌي جي انتظار ۾ ٽرڪن جي چوڌاري گڏ ٿيا، جنهن دوران فائرنگ شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا. طبي ذريعن ۽ امدادي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ انساني بحران محاصري ۽ مسلسل حملن جي ڪري بدترين سطح تي پهچي چڪو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے