اسلام آباد:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)گذريل 24 ڪلاڪن ۾ تازين مون سون جي برساتن ۾ 13 وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن سان 26 جون کان 20 جولاءِ تائين ڪُل فوتين جو انگ 216 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پنجاب ۾ 12 ۽ خيبر پختونخوا ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿيو آهي، جنهن ۾ 4 ٻار ۽ 3 عورتون شامل آهن.
اين ڊي ايم اي چيو ته پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 135 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، ان کان پوءِ خيبر پختونخوا ۾ 42، سنڌ ۾ 21، بلوچستان ۾ 16، جڏهن ته اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي آهي.
هاڻي تائين برساتن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن ۾ 75 مرد، 40 عورتون ۽ 101 ٻار شامل آهن.
اين ڊي ايم اي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 20 وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جنهن سان زخمين جو ڪُل انگ 582 ٿي ويو آهي، جن ۾ پنجاب ۾ 16، گلگت ۾ 3 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ شهري شامل آهي.
زخمين ۾ 227 مرد، 163 عورتون ۽ 192 ٻار شامل آهن.
اين ڊي ايم اي موجب، گهڻيون موتون گهر ٽٽڻ، ٻوڏ، بجلي ڪرڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻڏڻ سبب ٿيون، جن ۾ 26 جون ۽ 20 جولاءِ جي وچ ۾ 779 گهر تباهه ٿيا ۽ 195 جانور مارجي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language