اسلام آباد:(آچر 08 جون 2025ع)سموري ملڪ ۾ اڄ به موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته موسميات کاتي ڪجهه شهرن ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهندو جڏهن ته ميداني ضلعن ۾ ٻنپهرن کان پوءِ تيز گرم هوائون لڳڻ جو پڻ امڪان آهي.
انهي کان علاوه خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ ڪشمير ۾ به گرمي جي لهر برقرار رهندي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي ضلعن دير، سوات، چترال، ڪوهستان، شانگله ۽ بٽگرام ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گلگت بلتستان ۾ موسم جهڙالو، ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language