welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

طاقتور شخصيتن جي جنگ: ٽرمپ جي ايلون مسڪ کي ڊيموڪريٽس جي حمايت تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن:(آچر 08 جون 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايلون مسڪ کي بردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ايندڙ چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس جي حمايت ڪري ٿو ته انهي جا سنگين نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ٽرمپ آمريڪي ميڊيا سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي چيو ته منهنجو ايلون مسڪ سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه ٿي آهي، جيڪي هلندڙ ڏينهن ۾ هڪ عوامي بحران جي صورت ۾ سامهون آيا آهن. انهي دوران برنس ٽائيڪون ايلون مسڪ سوشل ميڊيا تي ٽرمپ کي ڏوهاري، جنسي حملي آور، جيفري ايپسٽين سان جوڙيندڙ پوسٽ ٺاهي ڇڏي پر جڏهن صدر ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا انهي جو مسڪ سان تعلق مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي ته هن جواب ڏنو ته مان ها مان به اهو سمجهان ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايلون مسڪ جي باري ۾ هڪ ٻئي وارننگ به جاري ڪئي، خاص طور تي انهن افواهن جي وچ ۾ ته مسڪ 2026 جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس جي حمايت ڪري گهي ٿو. ڏٺو وڃي ته صدر ٽرمپ انهن نتيجن جا تفصيل ناهن ٻڌايا پر انهي جي ڪاروبار جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي ايلون مسڪ جي ڪمپنين تي سرڪاري معاهدن جي حوالي سان رد عمل ممڪن ٿي سگهيو ٿي. ٽرمپ چيو ته مسڪ کي ڪيترائي ڀيرا رعايتون ڏنيون هيون ۽ انهي کي حڪومت ۾ ڪم ڪرڻ جي دوران فائدي ڏنا هئا پر هاڻ انهي سان ڳالهين جو ڪوبه ارادو نه آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے