ڪراچي:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)ملڪ ۾ في تولو سون سوين رپين تائين سستو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ اڄ 1600 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت 3,49,400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون جي قيمت 1,371 رپيا گهٽتائي سان 2,99,554 رپيا ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به في تولو سون جي قيمت ۾ 5,000 رپيا گهٽتائي ٿي هئي.
ان دوران، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 16 ڊالر گهٽجي 3,274 رپيا ٿي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language