اترپردیش:(آچر 29 جون 2025ع)هڪ عورت ڀارتي ڪرڪيٽر يش ديال تي جنسي هراساني جو الزام لڳايو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، عورت غازي آباد، اتر پرديش جي رهواسي آهي، ۽ عورت رياست جي وڏي وزير جي آن لائن شڪايت پورٽل تي شڪايت داخل ڪئي.
عورت الزام لڳايو ته يش ديال پهريان کيس شادي ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر بعد ۾ انڪار ڪري ڇڏيو. عورت ڀارتي ڪرڪيٽر يش ديال تي جنسي هراساني ۽ تشدد جو الزام به لڳايو.
ڀارتي ميڊيا موجب، آن لائن شڪايت داخل ڪرڻ کان علاوه، عورت مقامي پوليس اسٽيشن ۾ ڪرڪيٽر خلاف ڪيس به داخل ڪرايو.
ڪيس جي متن ۾، عورت دعويٰ ڪئي ته سندس ۽ يش ديال گذريل 5 سالن کان ويجهن لاڳاپن ۾ هئا.
اتر پرديش حڪومت پوليس کي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ ۽ 21 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، يش ديال ڀارتي ٽيم سان نيٽ بالر طور ڪم ڪري ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language