پشاور:(آچر 29 جون 2025ع)خيبر پختونخواهه جي اتر وزيرستان ضلعي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، موجوده امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڊي سي جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪلن تي ٻيلهه سواري، عوامي هنڌن تي ٽن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي ۽ علائقي ۾ غير ڪسٽم پيڊ گاڏين جي داخلا تي پابندي هوندي.
ٻئي طرف، اتر وزيرستان ۾ سڀاڻي صبح 5 وڳي کان شام 7 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو ۽ سڀني اندروني، ٻاهرين ۽ مکيه شاهراهن تي عوامي حرڪت تي پابندي هوندي.
ڊي سي جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ رسد جي نقل و حمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language