welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪنڊيارو:ڳوٺ ڇتو سولنگي ۾ پيار جي پرڻي تان هٿياربندن جو گهر تي مبينه حملو، نوجوان قتل

ڪنڊيارو:(سومر 30 جون 2025ع)ڪنڊيارو ڀرسان پي ايس بکري جي حد ڪچي جي علائقي ۾ ڳوٺ ڇتو سولنگي ۾ پيار جي پرڻي تان هٿياربندن جو گهر تي مبينه حملو نوجوان قتل ٿي ويو. رپورٽ موجب هٿياربندن ڳوٺ ڇتو سولنگي تي چڙهائي ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان زاهد سولنگي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. هٿياربند نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، لاش واقعي واري هنڌ پيل، وارثن موجب حد جي بکري پوليس اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي. بکري پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قتل ٿي ويل نوجوان زاهد سولنگي ڪجهه وقت اڳ انڙن مان پسند جي شادي ڪئي هئي جيڪا علائقي جي معززين جي وچ ۾ اچڻ بعد ٻانهن واپس ڪرائي وئي. اڄ مبينا حملي ۾ نوجوان کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي اطلاع ملڻ بعد جاءِ واردات تي وڃي رهيا آهيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے