اسلام آباد:(اڱارو 03 جون 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ديامير ڀاشا ڊيم ۽ ٻين پاڻي وسيلن تي هڪ اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ديامير ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن توانائي جي پيداوار ۽ وافر مقدار ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو هڪ موثر نظام پيدا ٿئي ۽ ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻ، زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ نوان ڊيم ناگزير آهن.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشي خود انحصاري سستي بجلي ۽ زراعت تي منحصر آهي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ پاڻي کي موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language