welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اپر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ طوفان ۽ برسات جو امڪان

ڪراچي:(جمعو 13 جون 2025ع)موسميات کاتي اپر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ هوائن ۽ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب اپر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ هوائن ۽ مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته گجگوڙ ۽ مينهن جي ڪري گرمي جي لهر ۾ به گهٽتائي ايندي. ٻئي طرف موسميات کاتي اڄ کان 16 جون تائين پنجاب، ڪي پي، اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ مينهن جي اڳڪٿي به ڪئي آهي. ياد رهي ته ملڪ جا مختلف حصا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن. ڪالهه چولستان ريگستان ۽ سرگوڌا ۾ سخت گرمي رڪارڊ ڪئي وئي جتي پارو 48 ڊگري تائين پهچي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے