خارڪيف:(ڇنڇر 07 جون 2025ع)روس يوڪرين جي ٻئي نمبر وڏي شهر خارڪيو تي هڪ وڏو ڊرون حملو ڪيو، جنهن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 21 زخمي ٿيا.
خارڪيو جي ميئر چيو ته روس 9 ميزائل ۽ 206 ڊرون فائر ڪيا، جنهن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.
هن چيو ته فيبروري 2022 ۾ يوڪرين خلاف روس جي جارحيت دوران خارڪيو تي هي هاڻي تائين جو سڀ کان وڏو حملو هو، جنهن ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
سرڪاري يوڪريني ڊيٽا موجب، روس پاران شروع ڪيل 174 حملا هوائي دفاعي نظام ذريعي تباهه ڪيا ويا.
ٻئي طرف، روسي وزارت دفاع چيو ته يوڪرين پاران ڪرسک، برائنسڪ، ڪالوگا، سمولينسڪ ۽ ماسڪو ڏانهن لانچ ڪيل 36 ڊرون ڪيرايا ويا.
خارڪيو کان علاوه، خرسن علائقي ۾ روسي گولا باری جي نتيجي ۾ هڪ عمارت ڪري پئي جنهن ۾ هڪ مڙس ۽ زال مارجي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language