welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايندڙ سال حج جي خواهشمندن لاءِ حڪومت جو وڏو اعلان، آخري تاريخ مقررايندڙ سال حج جي خواهشمندن لاءِ حڪومت جو وڏو اعلان، آخري تاريخ مقرر

اسلام آباد:(جمعو 27 جون 2025ع)حڪومت حج 2026 لاءِ رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب، حج پانڌيئڙن جي رجسٽريشن 9 جولاءِ تائين جاري رهندي جڏهن ته حج رجسٽريشن لاءِ ڪا به فيس ادا نه ڪرڻي پوندي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب حج 2026 لاءِ، سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي اسڪيمن لاءِ حج پانڌيئڙن کي اڳواٽ رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي آهي، ان کان علاوه پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به رجسٽريشن لازمي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب، صرف رجسٽرڊ درخواست ڏيندڙن کي حج 2026 لاءِ اهل سمجهيو ويندو. ملڪ جي 15 منظور ٿيل بينڪن مان حج رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي. حج رجسٽريشن کان پوءِ، حاجي سرڪاري يا خانگي حج اسڪيم جي چونڊ ڪري سگهندا. مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته هن سال خانگي اسڪيم مان ٻاهر نڪتل حاجين لاءِ به رجسٽريشن لازمي هوندي. حج 2026 لاءِ خرچ ۽ ٻيون شرطون ۽ ضابطا حج پاليسي جي مطابق الڳ الڳ جاري ڪيا ويندا. وزارت وڌيڪ چيو ته حج رجسٽريشن سعودي عرب جي هدايتن تي ڪئي پئي وڃي. سعودي حڪومت کي حج رجسٽريشن ڊيٽا کان آگاهه ڪيو ويندو. رجسٽريشن جي بنياد تي، سعودي حڪومت حج ڪوٽا مقرر ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے