welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

” ٽرمپ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽمي حملن واري بيان تي معافي وٺي“ جپان ۾ آمريڪي صدر خلاف احتجاج

ٽوڪيو:(جمعو 27 جون 2025ع)جپان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران تي آمريڪي حملن جي ڀيٽ ٻي عالمي جنگ دوران هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان ايٽمي حملن سان ڪرڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ٽرمپ اربع ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ”ان حملي جنگ جو خاتمو آندو، مان هيروشيما جي مثال نه ٿو ڏيڻ چاهيان نه ئي ناگاساڪي جي مثال ڏيڻ چاهيان ٿو، پر تڏهن به ائين ئي ٿيو هو.“ ياد رهي ته آمريڪا، آگسٽ 1945 ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽمي حملا ڪيا هئا، جن ۾ اٽڪل هڪ لک چاليهه هزار ماڻهو مارجي ويا هئا، ٻنهي شهرن جا زندهه بچي ويل ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن ۽ اڄ تائين منجهن ڪينسر جو خطرو به وڌيڪ آهي. ٽرمپ جي بيان تي دعمل ڏيندي ناگاساڪي جي ميئر شيـرو سوزوڪي چيو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ ايٽم بم ڪِيرائڻ واري عمل کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اها ڳالهه شهر جي حيثيت سان اسان لاءِ انهتائي افسوسناڪ آهي. جپان جي سرڪاري ٽي وي موجب، ايٽم بم سبب متاثرن مان هڪ ميماڪي توشيئوڪي، جيڪو هڪ نوبيل انعام ماڻيندڙ گروپ سان واڳيل آهي تنهن ٽرمپ جي بيان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. ان کانسواءِ گروپ جي هڪ ٻئي ميمبر تيروڪو يوڪوياما مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”مان تمام گهڻو مايوس آهيان، مون کي صرف ڪاوڙ اچي رهي آهي.“ ٻئي پاسي هيروشيما ۾ خميس ڏينهن متاثر ماڻهن طرفان هڪ مظاهرو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ويو ته هو پنهنجو بيان واپس وٺي. هوڏانهن هيروشيما جي پارلياماني ميمبرن به ان بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے